منڇر ڍنڍ:ايم اين وي ڊرين جي بند کي 50 فُٽ گهارو، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا وھڪري ۾ لڙھي ويا

جوھي/ڀان سيدآباد/سيوھڻ :منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ تي ايم اين وي ڊرين جي بند کي 50 فُٽ گهارو، بند تي بيٺل پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻا تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا، علائقي واسين فوري ڪارورائي ڪندي ٽنهي کي بچائي ورتو آھي

ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته زيرو پوائنٽ وٽ بند کي يوسي واهڙ جي طرف گهارو پيو آهي، پاڻي يوسي واهڙ ڏانهن تيزي سان وڌي پيو، منڇر ڍنڍ کي باغ يوسف ۽ آر ڊي 50 کان 52 تائين لڳل ڪَٽ جي پاڻي سيوهڻ جي 5 يوسيز ۽ شهباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي

ايئرپورٽ جي مختلف حصن ۾ 5 فُٽ جيترو پاڻي بيٺل، منڇر جو پاڻي يوسي واهڙ ۽ جعفر آباد ۾ ڪاهي پيو آھي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور، پاڻي سيوهڻ جي ڳوٺ بچل چنا وٽ انڊس هاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو

ٻئي پاسي ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، وهڪرا وڌي 6 لک 4 هزار 147 ڪيوسڪ ٿي ويا، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهن ۾ 19 هزار 875 ڪيوسڪ ڇوڙ جاري آھي

آبپاشي اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ منڇر ۽ نيئن جو اضافي پاڻي به ڇوڙ ٿيڻ سبب ڪوٽڙي وٽ چاڙهه ٿي رهيو آهي، سکر بئراج وٽ سنڌوءَ جا وهڪرا گهٽجي 4 لک 19 هزار 90 ڪيوسڪ ٿي ويا، گڊو بئراج وٽ به وهڪرن ۾ لاٿ، پاڻي جا وهڪرا 2 لک 97 هزار 999 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔