سڄي ملڪ ۾ بچاءَ وارو ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بچاءَ وارو ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي .اڄ هٿياربند فوج جي غازين ۽ شهيدن کي سلام ۽ خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي .

ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊ جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي گذري ، ان کان سواءِ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به تقريبون ڪوٺايون ويون .

گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جا 60 مرد ۽ 5 عورت ڪيڊٽس شامل هئا، پاڪستان هوائي فوج اصغر خان اڪيڊمي جي چاڪ ۽ چوبند دستي مزار قائد تي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀاليا .

تقريب ۾ خاص مهمان ائير وائيس مارشل قيصر جنجوعا هو ، جنهن مهمانن جي بڪ ۾ پنهنجا تاثرات لکيا هن پريڊ جي معائني کانپوءِ مزار تي گل رکيا ۽ فاتحا خواني به ڪئي .

هوڏانهن بچاءَ واري ڏهاڙي تي ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل سيد آصف حسين مزار اقبال تي حاضري ڏني ، هن شاعر مشرق جي مزار تي فاتحا خواني ڪئي ۽ مهمانن واري بڪ ۾ پنهنجا تاثر لکيا .

ياد رهي ته سيپٽمبر واري جنگ جي غازين ۽ شهيدن جي جرات ۽ بهادري جون اهي لازوال داستانون صدين تائين ياد رکيون وينديون، جنگ ۾ ڀارت کي هر محاذ تي شڪست ملي هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔