دادو/جوهي :جوهي برانچ کي ڏنل ڪٽ ۽ ايم اين وي ڊرين کي گهارن جي پاڻي جي ٻوڙان ٻوڙ جاري آهي
جوهي تعلقي جا 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، 15 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ باوجود ڳوٺاڻن اباڻا ڪک خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي
ڪروڙن جا فنڊز ملڻ باوجود انتظاميا ٻوڏ متاثرن جي سار نه لڌي، بيگهر ٿيل سوين خاندان روڊن ۽ بندن جي ڪنارن تي سهائتا جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن
جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ ڏنل رنگ بند وٽ پاڻي جو چاڙهه جاري آهي، جوهي ڪاليج کان 4 فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي
شهرين طرفان رنگ بند جي ڏينهن رات چوڪسي، بند جا ڪمزور حصا مضبوط ڪرڻ جو به ڪم جاري آهي