سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ماڻھن ۾ خوف

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آھي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آھي،  ماڻھو گھر ڊھڻ جي خوف ۾ وٺجي ويا آھن

ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻي، ڪنري،  ڇور، ڪوٽ غلام محمد، ڪڙيو گهنور،  ٽنڊو باگو، پيرونمل، ڪنري ۾ برسات جاري آھي، ٽنڊو غلام حيدر، گولاڙچي، ڪوٽڙي،  کڏڙو، چمبڙ، خليفو قاسم، کورواهه، ڄام  نواز علي، ڏيئي، نصرت پور ۾ برسات جاري آھي

هالا، ڀٽ شاهه، ٽنڊو محمد خان، ملا  ڪاتيار، ڪريم بخش کوسو، ڪڙيو  گهنور  ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات پئي، ڇور جي مختلف علائقن ۾ برسات  جاري، واهن ۽ شاخن کي گهارن  سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

ڇور ۾ اکيراج بند ٽٽڻ سبب  پاڻي جي  وھڪري عمرڪوٽ روڊ کي ٻوڙي ڇڏيو، ميرپورخاص ۾ برسات ۽ پراڻ سم نالي کي  گهاري سبب ڳوٺ گلشير گورچاڻي پاڻي هيٺ، علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا

ميھڙ ۽ ڀرپاسي برسات ۽ سم نالن  کي گهارن سبب ڳوٺن جا رستا پاڻي  هيٺ، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڪيترن ڏينھن کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب ڪيترائي گھر ڊھي پيا، تقريبن اڌ ڳوٺ خالي ٿي ويو

ملڪاڻ شريف ۾  برسات متاثر بي گهر ٿيل خاندان کي برسات جي وسڪاري اهنج ٻيڻان ڪري ڇڏيا بي گهر برسات متاثر روڊن رستن کي ويٺل ھڪ هفتو گزرڻ باوجود سرڪار ڪابه هنگامي سار نه لڌي

 پراڻ ندي کي به هلڪا گهارا مختلف هنڌن تان پئجي ويا ڪپرن کي پاڻي لوڙهڻ لڳو ويجهي ڳوٺن جا ڳوٺاڻان پنهجي مدد پاڻ ڪري مٽي جا ڪٽا ڪلهن تي کڻي بندن کي پاڻ مضبوط ڪرڻ لاء علائقي واسين ۾ خوف ۽ حراس ماڻهن جو ساه سڪي ويو انتظاميا ڪٿي به نظر نه اچڻ لڳي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔