شهباز گل عدالت ۾ پيشي دوران لڙڪ لاڙي ويٺو

اسلام آباد جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي سومر تائين پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شهباز گِل کي ايمبولينس ذريعي اسلام آباد جي عدالت پهچايو ويو، ويل چيئر تي عدالتي ڪمري ۾ نيئڻ دوران شهباز گِل دانهون ڪندي چيو ته سندس لاسڪ لاٿو ويو آهي، ساهه ۾ تڪليف ٿئي ٿي

عدالت جسماني رمانڊ بابت پوليس جي استدعا رد ڪري ڇڏي، شهباز گِل جو ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

شهباز گِل جي پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران پوليس ۽ ايف سي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا

ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس  شهباز گل جي بيماري کي بهانو قرار ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔