آرمي چيف سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جي وفد سان گڏ ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي سينيٽ ڪام جي ڪمانڊر جي وفد سان گڏ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ علائقائي سڪيورٽي صورتحال ، استحڪام ۽ دفاع بابت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر ) موجب ملاقات ۾ سڪيورٽي سميت عسڪري سطح تي گڏيل سهڪار کي وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .

آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد دهشتگردي ٽوڙ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ، ان کان سواءِ ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوجن وچ ۾ تربيتي پروگرام واري معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي عسڪري وفد آرمي ميوزيم جو دورو به ڪيو  ۽ فوجي عجائب گهر ۾ تاريخي ورثي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔