پي ٽي آءِ قيادت کي شهباز گِل جي بيان کان لاتعلق ٿيڻ گهرجي: پرويز الاهي

لاهور: جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي قيادت کي شهباز گِل جي بيان کان لاتعلق ٿيڻ گهرجي، شهباز گِل جي بيان سان فائدو نه، پر نقصان ٿيو آهي، فوج به اسان جو ادارو آهي
هن چيو ته مون شهباز گِل کي ڇڙٻ ڏني هئي ته اها خراب ڳالهه آهي، پي ٽي آءِ کي شهباز گل جي اِن بيان کان لاتعلق ٿيڻ گهرجي
وڏي وزير پرويز الاهي چيو ته چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم ٻوڏ متاثرن بابت جيڪو به اعلان ڪري، اُن تي عمل ڪرڻو آهي
هن چيو ته آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب شهباز شريف لڳايا، مون اُنهن کي اون ڪيو، نواز ليگ جي رڳ رڳ کان واقف آهيان، سياسي مخالفت جاري رهندي، ملڪ ۽ صوبي جي مفاد تي ڪوبه ٽڪراءُ نظر نه ايندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔