ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي ھلڪي ڪٿي تيز برسات

ڪراچي: ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري آھي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف  علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي  برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي جي ڊفينس، ڪلفٽن، ماڊل ڪالوني، شاهه  فيصل ڪالوني، اسڪيم33، اختر  ڪالوني، ملير ۾ تيز هوا سان گڏ برسات  جاري آھي

 قائدآباد، ڪورنگي ۽ ٻين  علائقن ۾ به تيز هوا سان گڏ برسات،  گرمي جو زور ٽٽي ويو، قاضي احمد،  دوڙ، ڪرونڊي، سٺ ميل،  ڪوٽ لالو، دريا خان مري،پڊعيدن،  جمال شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جاري آھي

موسميات کاتي موجب  ڪراچي ۾ 14 آگسٽ تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي، ٻئي پاسي برسات سبب مختلف علائقن  ۾ پاڻي بيهجي ويو، بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو آھي، مختلف شھرن ۾ بجلي بند ھجڻ ڪري رھواسي پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔