اسلام آباد مان گرفتارپي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد مان گرفتار تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اڄ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد پاران شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي ، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي

مراد سعيد ٻڌايو ته شهباز گل جي گاڏي جا شيشا به ٽوڙيا ويا آهن ۽ ڊرائيور کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري ان حوالي سان ٻڌايو ته شهباز گل کي بني گالا چوڪ تان بغير نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ سوار ماڻهن اغوا ڪيو آهي

اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل خلاف ادارن خلاف بيان بازي ۽ عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته ته ان کان به شهباز گل کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جنهن کي هڪ ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔