ڪراچي ۾ اڄ برسات جو امڪان ، سمنڊ ۾ چاڙهه جوخدشو

ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي .

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو 14 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو، جنهن دوران سمنڊ ۾ چاڙهه ٿي سگهي ٿو .

ڪراچي ۾ اربعا ڏينهن به ڪجهه علائقن ۾ صبح سوير ئي بوندا باندي ٿي جڏهن ته شهر ۾ ڪجهه جاين تي ڳڙهي سان برسات جوامڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ، مٿاهين خيبر پختونخواه ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ اڄ کان 13 آگسٽ تائين چوماسي جي نئين اسپيل جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔