عمران خان لانگ مارچ ڪيو ته پوري طاقت سان اسلام آباد کي بچائينداسين: سعد رفيق

اسلام آباد: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان لانگ مارچ ڪيو ته پوري طاقت سان اسلام آباد کي بچائينداسين، حڪومت ۾ هجون يا نه هجون سموريون جمهوري طاقتون عمران خان کي روڪينديون

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعد رفيق چيو ته وفاقي حڪومت پرڏيهي فنڊنگ واري معاملي تي عمران خان خلاف ڪارروائي ڪندي

هن چيو ته وفاقي سرڪار اها جاچ ڪرائي ته پرڏيهي شهرين عمران خان کي پئسا ڇو ڏنا، ڪهڙي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا ويا؟

هن چيو ته عمران خان حسن بن صباح ۽ پي ٽي آءِ پاڪستان جي آر ايس ايس آهي، حسن بن صبحاح ناليوارن عالمن کي قتل ڪرائيندو هو، عمران خان هڪ ايجنڊا تحت سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمراني ايجنڊا تحت سي پيڪ منصوبي کي ڌڪ هڻي چين کي ناراض ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔