محنت ۽ لڳن سان ملڪي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون : وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان محنت ۽ لڳن سان ملڪي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون .

وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪ آمريڪي بزنس فورم جي وفد ملاقات ڪئي . وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته اسان ڏکئي وقت ۾ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ رياست اڳ ۾ سياست بعد ۾ واري پاليسي تحت اقتدار سنڀاليو آهي .

هن چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ اسان ڏکيا فيصلا ڪيا آهن ۽ اسان محنت ۽ لڳن سان ملڪي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔