دنيا ۾ 257 ملين ماڻهو هيپاٽائٽس ۾ مبتلا آهن: ماهر

حيدرآباد : هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي تي ڊي جي صحت سنڌ جي آفيس کان آگاهي ريلي ڪڍي وئي. هيپاٽائيٽس کان پاڪ سنڌ پروگرام جي سڏ تي نڪتل ريلي جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو ڪئي. ريلي ٿڌي سڙڪ تي ختم ٿي جنهن بعد مقامي هوٽل ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو. سيمنار  ۾ اڳواڻن چيو ته هيپاٽائيٽس جو مرض دنيا جي 8 خطرناڪ بيمارين ۾ شمار ٿئي ٿو. هن وقت دنيا ۾ 257 ملين ماڻهو ڄاڻايل موذي مرض ۾ مبتلا آهن. پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي جتي ڪاري ڪامڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ذوالفقار ڌاريجو چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسل جي سروي مطابق سنڌ ۾ 10 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ 20 لک ماڻهو سي ۾ مبتلا هئا. سنڌ سرڪار 2009ع دوران هيپاٽائيٽس کان پاڪ سنڌ پروگرام شروع ڪندي موذي مرض جي خاتمي ۽ علاج لاءِ 300 سينٽر قائم ڪيا جتي بيماري ۾ مبتلا مريض مفت ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو موجب ته ڄاڻايل پروگرام تحت هيستائين مجموعي طور هيپاٽائٽس بي جي 35 هزار 43، سي جي 2 لک 75 هزار 947 ۽ ڊي جي 3289 مريضن جو علاج مڪمل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هيپاٽائٽس بي جي 16 هزار 86، سي جي 7 هزار 966 ۽ ڊي جا 603 مريض زير علاج آهن. هن چيو ته هيستائين 93 لک ماڻهن کي هيپاٽائٽس بي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 23 لک اسڪولن جا ٻار، استاد ۽ ماسترياڻيون به شامل آهن جڏهن ته 5 ليبارٽرين مان اندازي موجب 30 لک 8 هزار 789 ماڻهن جو مفت ۾ ٽيسٽون به ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او 2030ع تائين هيپاٽائٽس جي خاتمي جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. سنڌ حڪومت ان تي تيزي سان عمل پئي ڪري. سيمينار دوران اڳواڻن چيو ته مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ علاج سان گڏ احتياطي اپاءِ وٺندي اڻ تصديق ٿيل رت ۽ غير معياري سرنج لڳرائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن مرض کي وڌڻ کان روڪي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔