انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو: 239 رپين کان وڌي ويو

ڪراچي: انٽربينڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستاني رپيو پنهنجو قدر وڃائي رهيو آهي

ڪالهه ڪاروبار دوران ڊالر جي ملهه ۾ اضافو نظر آيو ۽ ڪاروبار جي بند ٿيڻ تائين ڊالر 236.02 رپين تي بند ٿيو

خميس ڏهاڙي ڪاروبار جي شروعات تي به ڊالر جي ملهه ۾ اضافو ٿيو ۽ ڊالر هڪ رپيو 98 پئسا اضافي سان 238 رپين جو ٿي ويو

انٽربينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر هيل تائين مجموعي طور 3.48 رپيا مهانگو ٿي چڪو آهي، جنهن سان هڪ ڊالر جي قيمت 239.50 رپيا ٿي وئي آهي، انٽربينڪ ۾ هلندڙ مهيني دوران هيل تائين ڊالر جي قيمت ۾ 35.15 رپيا اضافو ٿي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔