ميچ فڪسنگ جيان بينچ فڪسنگ به هڪ ڏوهه آهي: حڪمران اتحاد جو فل ڪورٽ بڻائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: حڪمران اتحاد هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جَي وڏي وزير بابت ڊپٽي اسپيڪر جِي رولنگ خلاف ڪيس ۾ فل ڪورٽ جو مطالبو ڪيو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته پريس ڪانفرنس لاءِ اچي رهي هيس ته تمام گهڻن ماڻهن جا پيغام آيا ته اوهان جي اپيل التوا هيٺ آهي، اوهان پريس ڪانفرنس نه ڪيو

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ عدالتي فيصلا ڏسو ته لڱ ڪانڊارجڻ جهڙي داستان آهي، ڪنهن به اداري جي توهين ٻاهران نه پر اداري جي اندران ٿيندي آهي

مريم نواز چيو ته هڪ غلط فيصلو سڄي ڪيس کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي، ٺيڪ فيصلو ڪرڻ تي تنقيد ڪا معنيٰ نٿي رکي

هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حوالي سان فل ڪورٽ بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ميچ فڪسنگ جيان بينچ فڪسنگ به هڪ ڏوهه آهي

بلاول ڀٽو زرداري جون ڳالهيون

ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هِن ملڪ ۾ جمهوري نظام هلي، اسان کي نظر اچي رهيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اِهو هضم نٿو ٿئي ته عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري، انهن کان برداشت نٿو ٿئي ته ملڪ جمهوريت طرف وڌي

هن چيو ته اسان سڀني اتحادين جو هڪ مطالبو آهي ته اسان کي فل ڪورٽ کپي، اِهو نٿو ٿي سگهي ته رڳو 3 ماڻهو هن ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪن، اهو نٿو ٿي سگهي ته رڳو 3 ماڻهو فيصلو ڪن ته ملڪ جمهوريت موجب هلندو يا سليڪٽڊ تحت هلندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔