طاقتور قوتون پاڪستان سان راند نه کيڏن: فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته طاقتور قوتون پاڪستان سان راند نه کيڏن، عمران خان اقتدار نه، پر شفاف چونڊون چاهي ٿو

 پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، سُپريم ڪورٽ توهين عدالت تي ڊپٽي اسپيڪر کي طلب ڪري

هن چيو ته اسان جو ڪو به پلان بي ناهي، پر عوام ۾ نظام خلاف ڪاوڙ ۽ مايوسي آهي، اُميد ته سُپريم ڪورٽ انصاف ڪندي، انصاف نه مليو ته ماڻهو پنهنجو رستو پاڻ ڪڍندا

فواد چوڌري چيو ته چوڌري شجاعت بيمار آهي،سندس فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت محدود آهي، چوڌري شجاعت کان خط تي آڱوٺو لڳرايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔