مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي:پوليس چيف جاويد عالم اوڍو

ڪراچي : ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو پريس ڪانفرنس ڪندي مڪاني چونڊن جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته 40 هزار کان وڌيڪ اهلڪار چونڊن ۾ ڊيوٽي انجام ڏيندا جنهن ۾ ڪراچي پوليس جو وڏو انگ آهي جڏهن ته ٻين ضلعن کان به نفري گهرائي وئي آهي.

هن چيو ته 48 هزار پوليس اهلڪار ۽ 5 هزار ٻيا ماڻهو ٻين ادارن مان سيڪيورٽي لاءِ ويندا، هڪ هزار کان وڌيڪ پوليس موبائل به اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هونديون، فري اينڊ فيئر اليڪشن ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.

جاويد عالم اوڍو چيو ته چونڊن دوران شهر جي هر گهٽي ۾ پوليس نظر ايندي، پوري اميد آهي ته اليڪشن وارو ڏينهن پرامن طريقي سان گذرندو.

ڪوئيڪ رسپانس فورس جا به پنج هزار کان وڌيڪ اهلڪار الڪيشن واري ڏينهن ڊيوٽي ڏيندا جڏهن ته اينٽي رائٽ فورس به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود هوندي، انکانسواءِ ريڪرومنٽ واري مرحلي جوانن ۽ اسڪائوٽس کانسواءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز جون به خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.

جاويد عالم وڌيڪ چيو ته 4 هزار 996 پولنگ اسٽيشنز آهن، جنهن ۾ ڪا به نارمل ناهي، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز هڪ هزار 246 آهن جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنز جو انگ 3 هزار 750 آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته ڪورنگي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران رڳو ٽن پولنگ اسٽيشنز ۾ معاملو خراب ٿيو هو تنهنڪري ننڍي چونڊ کي ڪامياب اليڪشن چوندس. اليڪشن ڪميشن به پوليس جي ڪم کي ساراهيو هو، جڏهن ته چونڊ دوران سياسي ڪارڪنن جي موجودگي سبب پڻ انتظام متاثر ٿيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔