سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري،مختلف علائقن ۾ جهيڙن جا واقعا

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي ، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن دوران جهيڙن جا واقعا پيش آيا آهن، نواب شاهه جي نادر شاهه پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ پيپر ۾ اُميدوار جو چونڊ نشان غائب هجڻ تان ڇڪتاڻ، ٽي ايل پي ڪارڪنن طرفان پولنگ عمل روڪرائڻ بعد احتجاج ڪيو ويو

ڀريا سٽي ۾ بيلٽ پيپر تي ٺپا هڻڻ تان پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو، لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لاتو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن پولنگ عملي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو

پ پ ۽ جي يو آءِ اُميدوارن ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي، جيڪب آباد ۾ ووٽرز لسٽن تي اعتراض وارڻ تان پ پ ۽ جي يو آءِ اُميدوارن ۾ منهن ماري، ٺُل پوليس امن امان جي بهاني سان ٻن اُميدوارن جي پيئرن کي گرفتار ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔