پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا جي دوري جو اعلان

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ رٿيل سيريز جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچز کيڏيون وينديون

شيڊول ۾ هڪ وارم اپ ميچ ۽ 2 ٽيسٽ ميچز شامل آهن، 3 ون ڊي وارم اپ ميچ 11 کان 13 جولاءِ تائين ڪولمبو ۾ کيڏيون وينديون

2 ٽيسٽ ميچز رٿيل آهن، پهرين ٽيسٽ ميچ 16 جولاءِ کان 20 جولاءِ تائين گال ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 24 کان 27 جولاءِ تائين ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 6 جولاءِ تي سريلنڪا پهچندي

سريلنڪا جي دوري لاءِ 18 رڪني ٽيم جو اعلان

سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان جي اعلانيل 18 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ 3 اسپنرز، چار مڊل آرڊر بيٽرز، 3 آل رائونڊرز، 2 وڪيٽ ڪيپرز ۽ چار فاسٽ بالرز شامل آهن

ياسر شاهه ۽ سلمان علي آغا جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي وئي آهي، انجري سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ مان ڊراپ ٿيل محمد نواز ٻيهر ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي

اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان محمد رضوان، عبدالله شفيق، اظهر علي ۽ فهيم اشرف شامل آهن

فواد عالم، حارث رئوف، حسن علي، امام الحق، محمد نواز، نسيم شاهه، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود، ياسر شاهه ۽ نعمان علي به اسڪواڊ جو حصو آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔