بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان کي به فلم ملي وئي

ممبئي: بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان کي ڊائريڪٽر ڪرن جوهر پنهنجي ايڪشن فلم ۾ سائن ڪري ورتو. فلمي نقاد عمير سنڌو موجب آريان خان ايڪشن فلم “مصاله” ۾ نظر ايندو

پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته ٻيو رول هوندو. ان سان گڏوگڏ اهي افواهه به آهن ته فلم جي شوٽنگ آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندي. واضح رهي ته ڪرن پنهنجي 50 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي فالوورز سان پنهنجي ايندڙ پروجيڪٽس بابت هڪ اپ ڊيٽ شيئر ڪئي هئي. هن اعلان ڪيو هو ته اهو پنهنجي فلم جي شوٽنگ 2023ع ۾ شروع ڪندو

ڪرن هدايتڪار طور 6 سالن کانپوءِ عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه جي فلم “راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني” ذريعي واپسي ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔