اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آھن، چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس اطھر من الله جي سربراھي ۾ بلدياتي چونڊن بابت نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي شروع ٿيندي چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن عملدارن کان پڇاڻو ڪيو تھ اليڪشن ڪميشن ڪھڙو فيصلو ڪيو آھي، ان تي ڪميشنجي عملدارن ٻڌايو تھ وفاقي دار الحڪومت ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آھن، اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن تي حڪومتي نوٽيفڪيشن جي تحت وضاحتي موقف ڏنو آھي

جسٽس اطھر من الله سوال ڪيو تھ اھو ٻڌايو تھ ڪيترن ڏينھن۾ اليڪشن ٿيندي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن عملدار ٻڌايو تھ 60 کان 65 ڏينھن۾ اليڪشن ڪرائي ويندي، چيف جسٽس ڪميشن جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تھ ووٽ کي ھڪ وارڊ کان ٻئي وارڊ منتقل نھ ڪيو وڃي

اليڪشن ڪميشن جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پهريان نيون تڪ بنديون ڪنداسين ۽ پوءِ مڪاني چونڊن جو شيڊول ڏينداسين، 60 ڏينهن ۾ نيون تڪ بنديون ڪري چونڊ شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن عملدارن چيو تھ عدالت وفاقي حڪومت کي بلدياتي  چونڊن جي لاءِ سهڪار جو حڪم  ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔