پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهين جا دورمڪمل

اسلام آباد: پاڪستان ۽ بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين جا دور مڪمل ٿي ويا آهن

افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني اختيارين ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون 2 ڏينهن اڳ مڪمل ٿي ويون

ذبيح الله مجاهد چيو ته امڪان آهي ته هن ڀيري ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچن، افغان اختياريون رڳو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن

ذبيح الله مجاهد واضح ڪيو ته ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ به افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔