ڪراچي کان خيبرپختونخواهه تائين برسات ،گرمي جو زور ٽٽي پيو

ڪراچي: ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ ڪڪر کلي ڪري وسي ويا، برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي، موسميات کاتي اڄ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي .بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾گذريل شام کان رات ويندي تائين مختلف علائقن ۾ موسمي برسات ٿي وئي .تعلقي ماوند ۽ ڀرپاسي ۾ جابلو علائقن ۾ برسات سبب ندين نالين ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي .ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر ، گارڊن ۽ صدر اولڊ سٽي ايريا ۾ هلڪي برسات سان موسم خوشگوار ٿي وئي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ ٻيهر برسات جو امڪان آهي. لاهور ۽اسلام آباد ۾ برسات کان اڳ بادل کلي ڪري وسي پيا ، چوويهه ڪلاڪن دوران لاهور اييئر پورٽ جي علائقي ۾ پوري ملڪ کان سڀ کان وڌيڪ 107 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي.اسلام آباد ۾ گولڙه جي مقام تي 44 ملي ميٽر برسات پئي.سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي سميت سڄي ملڪ وانگر چولستان ۾ به برسات کلي ڪري وسي پيئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔