سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ايندڙ اليڪشن کٽرائڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪئي پئي وڃي، ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏيندس، جيڪو احتجاج ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو احتجاج هوندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن جو به اعتبار ناهي رهيو، بااثر ماڻهو پنهنجون من پسند تڪبنديون ڪرائي رهيا آهن، موجوده حڪمرانن کي ايندڙ اليڪشن ۾ کٽرائڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياري شروع ٿي وئي آهي

عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ تي اسرائيل ۽ ڀارت ۾ خوشيون ڪيون ويون، اسان جي حڪومت خلاف سازش ڪندڙ فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي حڪومت ۾ پيٽرول 4 روپيا مهانگو ٿيو ته بلاول ڀٽو زرداري لانگ مارچ ڪيو، هاڻي پيٽرول جي قيمت 30-30 روپيا وڌائي پئي وڃي، اسان جي دور ۾ پيٽرول 55 روپيا جڏهن ته موجوده حڪومت ۾ 60 رووپيا مهانگو ٿيو آهي، موجوده حڪمرانن جو مقصد پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيئن ئي سپريم ڪورٽ طرفان اسان جي حق ۾ فيصلو ايندو ته ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏينداسين جنهن لاءِ عوام تياري ڪري اهو احتجاج ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو احتجاج هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔