توانائي جي بچت لاءِ بازارون رات ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: توانائي جي بجيت لاءِ صوبن بازارون رات ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ صوبن بجلي جي بچت لاءِ بازارون رات ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو،جڏهن ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن مشاورت لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي

اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي قدم کي ساراهيو ويو ۽ چئني صوبن بازارون رات ساڍي اٺين وڳي بند ڪرڻ جي تجويز تي اتفاق ڪيو

پڌرائي موجب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي، اُهي پنهنجن صوبن ۾ ڪاروباري تنظيمن سان مشاورت ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔