پاڪ فوج ملڪي سيڪيورٽي ، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پنهنجا فرض پورا ڪندي رهندي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي سيڪيورٽي ، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پنهنجا فرض پورا ڪندي رهندي .

پاڪ فوج جي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 80 ۾ فارميشن ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي .

ڪور ڪمانڊر ، پرنسيپل اسٽاف آفيسرن ۽ فارميشن ڪمانڊرن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي . شريڪ ٿيندڙن کي پيشيور معاملن ، قومي سلامتي جي چيلينجز ۽ جوابي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي .

آپريشن ردالفساد جي مجموعي ڪارڪردگي تي اطمينان ظاهر ڪيو ۽ هن وقت تائين جي ڪاميابين کي ساراهيو. بري فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جيو اسٽريٽجڪ انوائرو مينٽ کي تيارڪرڻ جي سلسلي ۾ آپريشنل تياري جي اعلي معيار کي برقرار رکڻ تي خاص زور ڏنو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔