انٽربينڪ  ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي: انٽربينڪ ۾ ڊالر مهانگو ۽ رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو ، ڊالر جي ملهه ۾ وڌيڪ 2 رپيا 44 پيسن جو اضافو ٿي ويو .

فاريڪس ڊيلرز موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر 202 رپين جي سطح  کان وڌي ويو ، ڊالر 200.06 کان وڌي 202.50 رپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 205 رپين کان وڌيڪ جو ٿي ويو آهي .

گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمتن ۾ٻيڻي اضافي کانپوءِ ڊالر جي به ٻيهر ڊبل سينچري ٿي وئي هئي . انٽر بينڪ ۾ ڊالر 2.38 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ انٽر بينڪ ۾ ڊالر 200.30 جو ٿي ويو هو ، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 201 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔