وزيراعظم شهباز شريف جو ڪوئيٽا جو دورو ، آرمي چيف به گڏ رهيو

ڪوئيٽا: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي بلوچستان پهچي ويو جتي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به ساڻس گڏ رهيو .

وزيراعظم شهباز شريف گوادر جي دوري دوران مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکندو . وزيراعظم گوادر پورٽ ۽ گوادر جو هوائي دورو  به ڪندو .

بلوچستان جي وڏي وزير هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو ، وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ به خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو جڏهن ته گوادر ۾ ايڪسپريس وي جو افتتاح به ڪندو .

شهباز شريف مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي به خطاب ڪندو ، ان موقعي تي وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان به ملاقات ڪندو ۽ ميڊيا سان به ڳالهائيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔