نيٽ فليڪس جو زوال اچي ويو

نيو يارڪ :موجوده دور ۾ وڊيو اسٽريمنگ سائيٽ نيٽ فليڪس کي سڄي دنيا جو مقبول پليٽ فارم سمجهيو وڃي ٿو، جتي واهپيدار پنهنجي پسند موجب هر قسم جون فلمون، ڊراما ۽ شوز ڏسي سگهن ٿا.

هڪ ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو سبسڪرپشن واري وڊيو اسٽريمنگ سائيٽ  نيٽ فليڪس سبسڪرائبرز گهٽجڻ جي ڪري آمريڪا ۾ پنهنجي 150 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

نيٽ فليڪس موجب ملازمتن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪمپني جي آمدني ۾ گهٽتائي سبب ڪيو ويو آهي.

ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو ته اهي تبديليون بنيادي طور تي انفرادي ڪارڪردگي بدران ڪاروباري ضرورتن موجب ٿيون آهن، اسان مان ڪو به عظيم ساٿين کي الوداع چوڻ نه چاهيندو.

رپورٽن موجب اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڪمپني ڪهڙن ڊيپارٽمينٽس ۾ ماڻهو گهٽ ڪيا آهن پر لاس اينجلس ٽائمز جو چوڻ آهي ته ڪميونيڪيشن ۽ مواد جي شعبي جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔