شيخ رشيد جو ن ليگ تي ايف آءِ اي جو رڪارڊ کڻي وڃڻ جو الزام

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد اهم ڪيسن ۾ جاچ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون روڪڻ جي عدالتي فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي شيخ رشيد چيو ته عدالت عظميٰ انهن کي روڪي تاريخي فيصلو ڏنو آهي، انهن سڀني ڪيسن جا فائل تبديل ڪيا ۽ جن ماڻهن وٽ انهن جي خاندان جا ڪيس هئا، انهن سڀني کي هٽايو.

هن چيو ته هن حڪومت ايندي ئي ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي کي هٽايو، اهي نيب کي ڌمڪائي رهيا هئا پر سپريم ڪورٽ کين روڪي تاريخي فيصلو ڏنو.

سندس چوڻ هو ته اهي ايف آءِ اي جو سڄو رڪارڊ ماڊل ٽائون کڻي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔