ٽئين چيني ڪوويڊ ويڪسين کي ڊبليو ايڇ او جي منظوري ملي وئي

صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) چين جي ڪمپني ڪين سائنو بائيو جي تيار ڪيل ڪوويڊ 19 ويڪسين جي استعمال جي منظور ڏئي ڇڏي آهي.

اهڙي طرح هي چين جي ٽئين جڏهن ته گڏيل طور تي 9 ڪوويڊ 19 ويڪسين آهي جنهن کي عالمي اداري طرفان هنگامي استعمال لاءِ منظور ڏني وئي آهي.

ان کان پهريان ڊبليو ايڇ او چين جي سائنو فارم  ۽ سائنو ويڪ ڪمپنين جي تيار ڪيل ڪوويڊ ويڪسينز  جي منظوري ڏني هئي.

صحت جي عالمي اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪين سائنو جي تيار ڪيل ويڪسين کي هنگامي استعمال لاءِ منظوري ڏيڻ کانپوءِ ان ويڪسينز جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن کي ڊبليو ايڇ او بيماري جي روڪٿام لاءِ چيڪ ڪيو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪين سائنو جي سنگل ڊوز ويڪسين ڪوويڊ جي علامتن واري بيماري کان بچاءُ فراهم ڪرڻ لاءِ 64 سيڪڙو جڏهن ته بيماري جي سنگين شدت کان بچائڻ لاءِ 92 سيڪڙو تائين فائديمند آهي.

بيان موجب هي ويڪسين ڪوويڊ 19 کان بچاءُ لاءِ عالمي اداري جي طئي ٿيل معيار موجب آهي. ڊبيليو ايڇ او جي ماهرن 18 ورهين يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ هن ويڪسين جي استعمال جو مشورو ڏنو آهي.

هن ويڪسين جي منظوري لاءِ ڊبليو ايڇ او طرفان آگسٽ 2021ع  کان ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وئي.

عالمي اداري جي منظور کانپوءِ ڪين سائنو پنهنجي ويڪسين کي سموري دنيا ۾ فراهم ڪري سگهي ٿي جڏهن ته اها ڪوويڪس گلوبل الائنس جو حصو پڻ بڻجي سگهيٿي، جنهن جو مقصد هڪجهڙي بنيادن تي سموري دنيا ۾ ڪوويڊ ويڪسينز جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔