پرڏيهي لگزري شين جي امپورٽ تي مڪمل پابندي، عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد : حڪومت جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ معاشي ايمرجنسي جي بنياد تي پرڏيهي لگزري شين جي امپورٽ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته معاشي ايمرجنسي جي بنياد تي لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي لڳائي وئي آهي، امپورٽڊ گاڏين جي درآمد تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.

هن چيو ته جيم ۽ جيولري، چمڙي، چاڪليٽ، جوسن ۽ سگريٽ جي درآمد تي به مڪمل پابندي هنئي وئي آهي، جڏهن ته وڏين گاڏين ۽ موبائل فونز جي درآمد تي به پابندي هوندي.

سندس چوڻ هو ته امپورٽڊ ڪنفيڪشنري، ڪراڪري، فرنيچر، فش ۽ فروزن فوڊ، فروٽ ۽ ڊراءِ فروٽ جي امپورٽ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ميڪ اپ ۽ ٽشو پيپرز جي امپورٽ تي به پابندي هوندي.

مريم اورنگزيب چيو ته ان پابندي سان ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن تي ٻن مهينن ۾ اثر پوندو ۽ ان پابندي ۽ ٻين قدمن سان سالياني بنيادن تي معيشت تي 6 ارب ڊالرن جا هاڪاري اثر پوندا.

ن ليگ اڳواڻ موجب اسان جي دور ۾ ملڪي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي، گذريل 4 سالن ۾ ملڪي معيشٽ کي تباهه ڪيو ويو، ملڪ اندر هن وقت ايمرجنسي جي صورتحال آهي، عوام کي موجوده صورتحال ۾ قرباني ڏيڻي پوندي.

وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ اڄ جيڪا مهانگائي آهي، ان جو سبب عمران خان جو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو آهي، جنهن تي انهن جي حڪومت جون صحيحون آهن.

هن چيو ته خاص طبقي کي فائدو پهچائڻ لاءِ معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، گذريل حڪومت ڪرپشن ذريعي مهانگائي ڪئي، پاڪستان اندر هن وقت عوامي حڪومت آهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔