سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا تحت 358 نوڪرين جي منظوري

ڪراچي: سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا بابت اهم

 اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 358 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي

اجلاس ۾ صحت کاتي ۾ 42، روينيو ۾ 10، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 7، زراعت ۾ 5، اطلاعات کاتي ۾ 1 ۽ فنانس ۾ 17 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته آبپاشي کاتي ۾ 41 ۽ مقامي حڪومتن ۾ 34 ورڪس سروسز ۾ 16 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي

چيف سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 162، لائيو اسٽاڪ ۾ 4، ايڪسائيز ۾ 4 ۽ خوراڪ کاتي ۾ 4 نوڪرين جي منظوري ڏني آهي

چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌايو ته 2018ع کان هن وقت تائين فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت 8379 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کان ڊي آر سي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔