”ڪو ڇوڪرو لڀي ئي نٿو“ هانيا عامر پريشان

ڪراچي : پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا هانيا عامر جو چوڻ آهي ته کيس ڪو ڇوڪريو لڀي ئي نٿو.

تازو رليز ٿيل فلم ”پردي ۾ رهني دو“ جي اداڪارا هانيا عامر پنهنجي فلم جي پروموشن ۾ رڌل آهي.

ان دوران  هوءَ مختلف شهرن ۽ مالز ۾ انٽرويو ڏيندي نظر اچي رهي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ هانيا عامر مڱڻي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪڏهن ملندو مون کي ڇوڪرو، مون کي لڀي ئي نٿو.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي پسند بابت واضح خيال رکي ٿي، سندس مداحن کي به خبر آهي ته جڏهن کيس ڪجهه گهربل هوندو آهي ته واقعي ۾ اها شئي سندس ضرورت هوندي آهي، هوءَ لڪائي نٿي سگهي، هوءَ پنهنجي پسند جي معاملي ۾ سڌي ۽ واضح  آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔