بلاول جلد ملڪ واپس اچي اهو نه ٿئي ته واپسي جو ڀاڙو کيس پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوي: فواد چوڌري

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جلد ملڪ واپس اچي اهو نه ٿئي ته واپسي جو ڀاڙو به کيس پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوي.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته اڄ سموريون نظرون سپريم ڪورٽ جي تاريخي ٻڌڻي طرف آهن جتي مافيا جي ڪيس منيجمينٽ جي سازش هڪ سوموٽو جي نتيجي ۾ تباهه ٿي وئي آهي. ماضي ۾ ڪيل جاچ ۽ شاهدين کي حڪومتي اثر هيٺ تباهه ڪيو ويو. پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آهي ته زرداري ۽ شريف خلاف ڪيس شفاف طريقي سان آخري انجام تائين پهچن.
فواد چوڌري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول کي مشورو ڏيان ٿو ته هو پرڏيهي دورن تان اڄ، سڀاڻي ئي ملڪ واپس اچي وڃي اهو نه ٿئي ته اوهان کي واپسي جو ڀاڙو پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوي ۽ والد کان به دڙڪا ملندا. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 5 حڪومتي صحافين جهڙي طرح ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو اهو اسان جي دل ۽ ذهن ۾ نقش آهي. جيئن ئي دور تبديل ٿيندو جن ٻارن کي هن ظلم ۽ تڪليف ۾ مبتلا ڪيو انهن کي پاڻ سان ٿيندڙ بدعنواني کي حل ڪرڻ جو موقعو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔