يورپ کانپوءِ  آمريڪا ۾ به هڪ ”خطرناڪ“ بيماري اچي وئي

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هڪ همراهه ۾ منڪي پاڪس جي تشخيص ٿي آهي جنهن ويجهڙائي ۾ ئي ڪئناڊا جو سفر ڪيو هو.

هي ڪيس ميساجوسٽس رياست ۾ سامهون آيو آهي ۽ طبي عملدار هاڻي اها جاچ پڙتال ڪري رهيا آهن ته ان جو تعلق يورپ ۾ ويجهڙائي ۾ سامهون ايندڙ ڪيسن سان ته ناهي.

منڪي پاڪس اهڙي بيماري آهي جيڪا عام طور تي آفريڪا تائين محدود رهندي آهي ۽ گهٽ ئي دنيا جي ٻين حصن ۾ ان جا ڪيس ظاهر ٿيندا آهن ۽ اڪثر آفريڪي ملڪن جو سفر ڪري ايندڙ ماڻهو ان ۾ متاثر ٿيندا آهن.

پر مئي 2022ع دوران برطانيا، پرتگال ۽ اسپين جهڙن يورپي ملڪن ۾ منڪي پاڪس جا تصديق ٿيل يا شڪي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

آمريڪي جي ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريونٽيشن ( سي ڊي سي ) جي سينيٽر ٻڌايو آهي ته هو برطانيا ۽ ڪئناڊا جي اختيارين سان رابطي ۾ آهن پر في الحال اهو چوڻ ممڪن ناهي ته ميسا جوسٽس وارو مريض جو برطانوي ڪيسن سان ڪو واسطو آهي يا نه.

سي ڊي سي جي عهديدا جينيفر ميڪوئسٽن موجب هي آمريڪا ۾ هلندڙ سال دوران پهريون ڪيس آهي جنهن بابت اسان کي معلوم ٿيو آهي، پر اسان وڌيڪ ڪيسن جي امڪان کي نظر ۾ رکندي تياري ڪري رهيا آهيون.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ منڪي  پاڪس جي جنهن ڪيس جي تشخيص ٿي ان مان عوام کي ڪو به خطرو ناهي ۽ اسپتال ۾ داخل مريض جي حالت بهتر آهي.

منڪي پاڪس سبب متاثر ماڻهن ۾ بيماري جي شروعات فلو جهڙين علامتن سان ٿيندي آهي ۽ لمفي نوڊز سوڄي ويندا آهن، جنهن کانپوءِ چهري ۽ جسم ۾ خارش ٿيندي آهي.

آفريڪا ۾ ڪوئن يا ننڍن جانورن جي ڪٽڻ سان ماڻهون ان بيماري کان متاثر ٿيندا آهن جڏهن ته هي وچرندڙ بيماري ناهي.

پر يورپ جي تازن ڪيسن ۾ گهڻي قدر هم جنس پرست مرد ان جو شڪار ٿيا آهن ۽ ان کي نظر ۾ رکندي بيماري پکڙجڻ جي وڌيڪ امڪانن جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي.

منڪي پاڪس جي ٻن قسمن کي وڌيڪ خطرناڪ سمجهو ويندو آهي.

ڪانگو ۾ منڪي پاڪس جي قسم ۾ موت جي شرح 10 سيڪڙو آهي جڏهن ته اولهه آفريڪا ۾ موجود ان جي قسم ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ موت جي شرح هڪ سيڪڙو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔