سپريم ڪورٽ جو هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ مقرريون ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد ; سپريم ڪورٽ ادارن جي جاچ ۾ حڪومتي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران هاءِ پروفائل ڪيسن، خاص عدالت ۽ نيب ڪيسن ۾ مقررين ۽ بدلين کا روڪي ڇڏيو.

حڪومتي ميمبرن خلاف جاچ ۾ مبينا حڪومتي مداخلت تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪري رهي آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نيب لاهور ۽ ايف آءِ اي مان ڪيترن ئي آفيسرن جي بدلي ڪئي وئي، هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ تبديلن ۽ مقررين تي ڳڻتي آهي.

چيف جسٽش آف پاڪستان اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ اٽارني جنرل صاحب! توهان جي اچڻ جي مهرباني، ڇا توهان ڪيس جو پيپر بُڪ پڙهيو آهي؟

اٽارني جنرل اشتر اوصاف جواب ڏنو ته پيپر بڪ ناهي پڙهيو، جنهن تي کيس سوموٽو نوٽيس جو پيپر بڪ پڙهڻ لاءِ ڏنو ويو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پيپر بڪ جو پيرا گراف 2 ۽ 3 پڙهو، ايف آءِ اي لاهور جي عدالت ۾ پراسيڪيوٽر کي تبديل ڪيو ويو، ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي ۽ ڊائريڪٽر رضوان به کي بدلي ڪيو ويو، سوموٽو جو بيڪ گرائونڊ توهان پڙهي ڇڏيو آهي؟

چيف جسٽس چيو ڊي جي ايف آءِ اي هڪ جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ کان روڪيو، ڊي جي ايف آءِ اي جاچ آفيسر کي چيو ته نئين وڏي وزير جي ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيڻو، پراسيڪيوشن برانچ ۽ جاچ جي عمل ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته پراسيڪيوشن آفيسرن کي هٽائڻ جا ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيون ٿا، ڊي جي ايف آءِ اي سنڌ مان آهي، سٺو ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ به ثناءُ الله عباسي جي ڪارڪردگي سٺي هئي، ڊي جي ايف آءِ اي سٺي شهرت رکندڙ آفيسر آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال  ريمارڪس ڏنا ته اخبارن ۾ ٻن مهينن کان خبرون ڏسي رهيا آهيون، اخباري خبرن موجب اي سي ايل پاليسي تبديل ٿيڻ سان 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻندا، اي سي ايل جي پاليسي ۾ تبديلي بابت به ڄاڻڻ چاهيون ٿا، ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڪهڙي طريقي ڪار سان اي سي ايل ۾ موجود ماڻهن کي فائدو پهچايو پيو وڃي؟ ڪا راءِ نه پيا ڏيون، رڳو حقيقتون ڄاڻڻ چاهيون ٿا، سسٽم کي اندريان ۽ ٻاهريان خطرا آهن.

سپريم ڪورٽ ڊي جي ايف آءِ اي ۽ نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي لکت جواب طلب ڪري ورتا ۽ چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽرز سميت سڀئي لاڳاپيل آفيسر لکت جواب ڏين، اهي پاڻ تي لڳايل الزامن تي جواب ڏين.

عدالت عظميٰ چيو ٻڌايو وڃي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسرن جون مقرريون ۽ تبدليون ڪهڙي بنياد تي ڪيون ويون؟ انهن معاملن ۾ قانون جي حڪمراني تي اثر پئجي رهيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته امن ۽ اعتماد معاشري ۾ برقرار رکڻ آئين تحت سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻو آهي.

سپريم ڪورٽ پراسيڪيوشن کي هاءِ پروفائل ڪيس واپس وٺڻ کان روڪيندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

گڏوگڏ گذريل 6 هفتن دوران اي سي ايل مان ڪڍيل ماڻهن جي فهرست به گهري ورتي ۽ هر قسم جي مقرري ۽ بدلي تي پابندي هڻي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔