دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ختم ڪنداسين، کين لڪڻ جي جاءِ نه ملندي:وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ختم ڪنداسين، هنن کي لڪڻ لاءِ ڪٿي جاءِ نه ملندي، ڪراچي ۾ ٻيهر دهشتگردي ٿيڻ نه ڏينداسين

 ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪراچي ۾ هڪ بي گناهه نوجوان کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻائيندڙ انسان سڏائڻ جي لائق نه آهن، واپارين کي مخاطب ٿيندي وڏي وزير چيو ته توهان چئو ٿا ته ڪراچي 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ٿو

ھن چيو تھ  مان چوان ٿو ته ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت آهي، اسان ڪراچي واسين کي ايڏي آمدني جا موقعا ڏيون ٿا تڏهن هو ايڏو ٽيڪس ادا ڪن ٿا

سيد مراد علي شاھ  چيو تھ منهنجو شهر سيوهڻ هڪ ننڍڙو شهر آهي، مان ته چوان ٿو 70 سيڪڙو ٽيڪس توهان نه پر سيوهڻ شهر ڏئي، پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سيوهڻ کي به ڪراچيءَ جيتري ترقي وٺرائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔