سينيٽ اجلاس ملتوي ڪري قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ جا ڪهڙا مقصد آهن؟: شيري رحمان

اسلام آباد: مني بجيٽ تي پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ جا ڪهڙا مقصد آهن

شيري رحمان پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 73 موجب مالياتي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ڪاپي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، حڪومت هاڻي آرٽيڪل 73 جي تشريح پنهنجي مرضي موجب  ڪندي

هن چيو آهي ته ڇا 600 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ تي سينيٽ کي نظرانداز ڪيو ويندو؟ بيساکين تي بيٺل حڪومت فنانس بل تي سينيٽ ۾ بحث ڪرڻ نٿي چاهي، پيپلز پارٽي اڳ ئي عوام دشمن مني بجيٽ کي رد ڪري چڪي آهي

 شيري رحمان چيو ته مني بجيٽ مهانگائي کان پريشان عوام تي وڌيڪ بار وجهي رهي آهي، بجلي، پيٽرول، گيس ۽ ضروري شين جون قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، ڇا اها مني بجيٽ ناهي؟ دوائون، ٻارن جون شيون ۽ زرعي تيار ڪندڙ اوزار مهانگو ڪري چيو ٿو وڃي ته غريبن تي اثر نه پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔