ناظم ڪيس:عدالت پوليس جو چالان منظور ڪري ورتو، وڪيل جي مخالفت

ملير جي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس جو پوليس جي عبوري چالان تي محفوظ ڪيول فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پوليس جو چالان منظور ڪري ورتو ۽ ريمارڪس ڏنا ته چالان تي فريادي جي وڪيلن جي اعتراضن تي حتمي چالان اچڻ بعد ڏٺو ويندو

فريادي جي وڪيل مظهر جوڻيجو چيو ته چالان ۾ خال آهي، جاچ آفيسر جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، عبوري چالان ۾ ضمانت تي آزاد ڪيل 5 جوابدارن جا نالا داخل نه ڪيا ويا آهن، جوابدار زاهد کي بي گناهه قرار ڏيڻ جاچ آفيسر جي بد نيتي ظاهر ڪري ٿي

فريادي جي وڪيل مظهر جوڻيجو چيو ته جاچ آفيسر بيگناهه قرار ڏنل جوابدار کي گرفتار ڪيو نه ئي وري جاچ ڪئي، کيس بيگناهه ڪيئين قرار ڏنو، ضمانت تي آزاد ڪيل جوابدارن کي شاهدن جي بيانن موجب انهن جو ڪردار ظاهر ڪيو وڃي

فريادي جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر مفرور باڊي گارڊز ۽ ٻن پرڏيهي جوابدارن جا نالا داخل نه ڪيا، پوليس پرڏيهي جوابدارن جي گاڏي هٿ ڪئي پر جوابدارن جا نالا ڇو راز ۾ رکيا؟

وڪيل استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي کان پرڏيهي جوابدارن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي، چالان ۾ موت جون ڌمڪيون، بدسلوڪي ۽ لڪائڻ جي شقن جي داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو جيڪو ٻڌائي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔