ڪراچي جي ٺيڪيدار بڻجندڙ ايم ڪيو ايم اڄ خاموش آھي:سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ٺيڪيدار بڻيل ايم ڪيو ايم اڄ ڪلھ خاموش آھي، آصف زرداري اڳ ئي چيو هو ته تحريڪ انصاف جو جنم خيبرپختونخواهه کان ٿيو ۽ هاڻ هي اتي ئي دفن ٿيندي

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن جا نتيجا روڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي شڪست سان ان جو جنازو نڪتو

هن چيو ته ڪراچي جي ٺيڪيدار بڻجندڙ پارٽي اڄ خاموش آهي. ايم ڪيو ايم مهانگائي، بيروزگاري، ڪڻڪ بحران سميت ٻين مسئلن تي خاموش آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي جن ماڻهن غلطي سان ووٽ ڏنو هو هاڻ ان جي اميد بلاول ڀٽو آهي، ايم ڪيو ايم کنڊ، يوريا ڀاڻ ۽ گئس بحران تي خاموش آهي

صوبائي وزير چيو ته ڪي پي ڪي تحريڪ انصاف جو ڳڙهه هو ۽ کين شڪست به پشاور مان ملي آهي، سنڌ ۾ ڪوبه نئون مڪاني نظام ناهي آيو پر مڪاني قانون کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪجهه ترميمون ڪيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جي صنعتن کي گيس نه پئي ملي جنهن سبب فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔