ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪندڙ مُک جوابدار گرفتار

ڪراچي: لانڍي ۾ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪندڙ مک جوابدار کي سي ٽي ڊي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

سي ٽي ڊي انچارج چوڌري صفدرجو چوڻ آهي ته سرجاڻي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار شيراز عرف سي جي کي گرفتار ڪيو ويو آهي

سي ٽي ڊي انچارج موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته هو پنهنجي ساٿين مزمل، شهمير ۽ فيصل سان گڏجي ڦرلٽ ڪري رهيو هو ته اهلڪار حمزا سندن مٿان فائرنگ ڪئي ۽ جوابدارن ٻئي موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿيڻ وقت اهلڪار حمزا تي فائر ڪيا

سي ٽي ڊي انچارج موجب جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او لانڍي سعادت بٽ تي حملي ۾ به ملوث آهي، واقعي کانپوءِ جوابدار اڳتي وڃي ٻي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا

سي ٽي ڊي انچارج موجب جوابدارن 2019ع ۾ ايس ايڇ او لانڍي سعادت بٽ تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو هو، جوابدارن جي خلاف لانڍي الفلاح، عوامي ڪالوني ۽ عزيز ڀٽي ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن، گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔