ڪراچي ڌماڪو: ايم اين اي عالمگير خان جو والد به مارجي ويلن ۾ شامل!

ڪراچي: ڪراچي ۾ شيرشاهه واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير خان جو والد دلاور خان به مارجي ويلن ۾ شامل آهن. صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٽراما سينٽر جو دورو ڪيو، سندس چوڻ هو ته زخمين مان ڪجهه جي حالت خراب آهي، هڪ ڄڻو وينٽي ليٽر تي آهي، زخمين کي مٿي ۾ ڌڪ آهن، ٽراما سينٽر ۾ زخمين جو بهتر علاج ڪيو پيو وڃي، اهڙا سانحا افسوسناڪ هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔