ڪراچي ۾ اغوا ڪارن جو 8 رڪني گروھ گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ سنڌ رينجرز جي قلندر ونگ جي ڪرنل سڪندر چيو آهي ته ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ 8 رڪني گروھ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيل اغوا ڪار سرڪاري کاتن جا ماڻھو به نڪتا آھن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي مان اغوا ٿيل سونار جي خاندان کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي ھئي، اغوا ٿيل نوجوان جي گهرڀاتين سان 35 لک رپين ۾ معاهدو طعي ٿيو ھو جيڪو ڀنگ وصول ڪيو ويو ھو ۽ اغوا ڪندڙن کيس ڇهن ڪلاڪن بعد مغوي کي آزاد ڪيو هو

هن چيو آهي ته پهريون ڀيرو واٽس ايپ ڪال ٽريس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ڀُنگ طور وصول ڪيل رقم مان 197000جي رقم برامد ڪئي وئي آھي، گرفتار جوابدارن ۾ 8 ڄڻا شامل آھن جن ۾ 5 سرڪاري کاتن جا ملازم آھن

گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي 7 گاڏيون پڻ هٿ ڪيون ويون آھن، جوابدارن جي نشاندهي تي موٽرسائيڪل، استعمال ٿيل ڪار ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، اغوا ۾ جوابدار جو ويجهو مائٽ به ملوث آهي، جوابدار نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي وڪڻڻ ۾ به ملوث آھن، مغوي نوجوان حمزا ٻڌايو ته ھو پنھنجو دڪان بند ڪري گهر وڃي رھيو هو ته رستي مان اغوا ڪري گھمائيندا رھيا ۽ منھنجي والد سان اغوا جي ڊيل به ڪندا رھيا

گرفتار جوابدارن ۾ 2 ڪسٽمز جا ڪانسٽيبل آھن، ھڪ ٽريننگ ڪندڙ پوليس اھلڪار آھي، ھڪ ڄڻو ھيڊ ڪانسٽيبل آھي جن ۾ عدنان اختر، حسان عدنان، زيشان قادر، محمد مقصود، محمد عماد ، زوھيب اسد، سيد حارث، ۽ عمير مصطفي شامل آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔