بابر اعظم کان ٽي-20 ۾ ٽاپ پوزيشن کسجي وئي، ٽيسٽ ۾ به تنزلي

دبئي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون پوزيشن کسجي وئي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به سندس هڪ درجو تنزلي ٿي آهي. آءِ سي سي رانديگرن جي تازه ترين ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جو ڪپتان جو روٽ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو مارنس لبوشين ڪيريئر جي بهترين رينڪنگ حاصل ڪندي ٻئي پوزيشن ماڻي ورتي آهي

آسٽريليا جي اسٽيون اسمٿ ٽئين ۽ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن چوٿين نمبر تي اچي ويا آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو تنزلي بعد اٺين مان نائين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 2 ميچز ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم 2-2 درجا تنزلي بعد پهرين مان ٽئين پوزيشن تي اچي ويو آهي، جڏهن ته انگلش بيٽسمين ڊيوڊ ملان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔