وقت ثابت ڪيو ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب ۽ قوم ناهي هوندي: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيوآهي ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب ۽ قوم ناهي هوندي

آرمي پبلڪ اسڪول سانحي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم کي دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستبقل ۽ هٿين خالي معصوم ٻارڙن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو

هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون هڪ ديوار بڻجي ويا ۽ انهن بهادر استادن پنهنجون جانيون قربان ڪيون

عمران خان چيو ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب يا قوم ناهي، دهشتگردي جي پويان بزدلاڻي سوچ هوندي آهي، بزدلاڻي سوچ ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ معصوم ٻارڙن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي

هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، هن سانحي کان پوءِ پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزرو ٿيڻ بجاءِ دهشتگرديءَ جي خلاف وڌيڪ مضبوط ٿي ويا، پوري قوم متحد ٿي قومي ايڪشن پلان ذريعي دشمنن کي ڳولي ڳولي نشانو بڻايو

وزيراعظم چيو ته مان پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن ڪڏهن به پاڪستاني قوم جو حوصلو ڪمزور نٿو ڪري سگهي، اڄ عهد ڪيون ته پوري قوم متحد رهندي ۽ فرقيواريت، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن جي خلاف بيهي رهندي، قائداعظم جو قول آهي ته دنيا جي اهڙِي ڪا به طاقت ناهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔