ڪراچي ۾ اوميڪرون جي تصديق کانپوءِ سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون بابت وڏو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪورونا جي خطرناڪ قسم اوميڪرون جي پهرئين ڪيس جي تصديق کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي طرفان وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ اوميڪرون ويرينٽ جي پهرئين ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي، اها تصديق آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان پڻ ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي اوميڪرون ويرينٽ جي تصديق ڪندي چيو ته صحت جي قومي اداري تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ عورت جو شڪي نمونو اوميڪرون ويرينٽ جو آهي، اهو پهريون تصديق ٿيل ڪيس آهي پر رجحانن جي نشاندهي لاءِ سڃاڻپ ٿيل نمونن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي.

ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي وڏو قدم کڻندي متاثر عورت جي رهائشي علائقي ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مائڪرو لاڪ ڊائون جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اوڀر ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي.

فيصلي تحت مائڪرو لاڪ ڊائون رحيم يار اپارٽمينٽ ۽ سولجر بازار جي ڀرپاسي لڳايو ويندو.

هوڏانهن متاثر عورت سان ملندڙ 51 ڄڻن جا سيمپل ڊائو يونيورسٽي موڪليا ويا آهن ۽ نجي اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت اوميڪرون ويرينٽ جو وڌيڪ ڪو شڪي سيپمل موجود ناهي.

واضح رهي ته 8 ڊسمبر تي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ ويرينٽ اوميڪرون جي پهرئين شڪي ڪيس جي سڃاڻپ ڪراچي ۾ ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔