وزيراعظم کي تختيون لڳائڻ جو شوق آهي، گرين لائن منصوبي سان تحريڪ انصاف جو ڪو تعلق ناهي: شاهد خاقان

ڪراچي:اڳوڻي وزيراعظم ۽ (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم کي تختيون لڳائڻ ۽ افتتاح ڪرڻ جو شوق آهي، گرين لائن منصوبي سان تحريڪ انصاف جو ڪوبه تعلق ناهي. 3 مهينن جو ڪم ساڍن ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ملڪ ۾ هن وقت نه جمهوريت آهي ۽ نه ئي وري پارليامينٽ.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ڪراچي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عدالتن ۾ ڪيمرا لڳائي عوام کي ڪارروائي ڏيکاري وڃي. اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ ڪوڙا ريفرنس ٺاهيا ويا آهن. سڀ عدالتن جو چڪر لڳائيندا آهن. ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا نيب چيئرمين کي جعلي ريفرنسز ٺاهڻ جو جواب نه ڏيڻو پوندو؟
شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندو آهي، نام نهاد احتساب ڪندڙن جو به احتساب ڏسنداسين، هڪ نه هڪ ڏينهن انصاف ضرور ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔