اومي ڪرون کان بچاءُ: پنجاب حڪومت ويڪسينيشن مهم وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لاهور: پنجاب حڪومت اومي ڪرون کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن مهم وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
عثمان بزدار چيو آهي ته ٻاهر کان ايندڙن جي فول پروف اسڪرينننگ ڪئي وڃي. ويڪسين جي ٻئي خوراڪ ۽ بوسٽر ڊوز يقيني بنايا وڃن. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ڪورونا وائرس، اومي ڪرون کان بچاءُ جي حوالي سان ڪابينه ڪميٽي ڪورونا کان بچاءُ جون هدايتون ڏيندي چيو آهي ته صوبي ۾ عوام کي اومي ڪرون کان محفوظ رکڻ لاءِ بهتر قدم يقيني بنايا وڃن.
عثمان بزدار صحت کاتي جي اختيارين کي هر وقت چوڪس رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جي فول پروف اسڪريننگ ڪئي وڃي، صحت جي عالمي اداري جي هدايتن موجب احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي.
ڪورونا جي نئين وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي قدم ضروري آهن، ويڪسينيشن جي ٻئي خوراڪ ۽ بوسٽر ڊوز يقيني بنايا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔