سنڌ ۾ نئون مڪاني ترميمي ايڪٽ تيار، اسيمبلي ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين بلدياتي نظام ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪندي نئين ايڪٽ جو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي تجويز ڪيل بل موجب ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي آبادي 50 لک هوندي، ڪراچي مان ضلعي ڪائونسلز ختم ڪيون ويون آهن، ضلعي ڪائونسلز بدران ٽائون ميونسپلز هونديون

بلدياتي ادارن جو مدو حلف کڻڻ واري تاريخ کان چئن سالن لاءِ هوندو نئين ايڪٽ ۾ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ڪي ايم سي کان واپس وٺي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو، عباسي شهيد، سوڀراج اسپتال، ليپروسي سينٽر، سرفراز رفيقي سينٽر ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت حوالي ڪيا ويا

پيدائش ۽ موت جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جو ڪم مڪاني ادارن کان واپس ورتو ويو، پبلڪ ٽوائلٽس جو انتظام مڪاني ادارن جي ذمي هوندو بلدياتي ادارا صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪو به ڪم نه ڪري سگهندا، پبلڪ هيلٿ پرائمري هيلٿ جو کاتو مڪاني ادارن کان واپس ورتو ويو، سڀني اسپتالن، ڊسپينسرين، طبي تعليم جي لوڪل باڊيز مان واپسي، مڪاني ادارن واري کاتي مان فرسٽ ايڊ جو عملو به واپس هليو ويو

کاڌي پيتي بابت قانون ٺاهڻ ۽ اهڙن ادارن جي رجسٽريشن جا اختيار مڪاني ادارن کان واپس، مڪاني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيڪل اسٽاف سنڌ حڪومت جي ماتحت هوندو. مڪاني ادارا شادي هالن ۽ ڪلبن کان اشتهاري فيس وصول ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔